عمران خان ۽ وزيراعظم پاران پشاور ڌماڪي جي مذمت

عمران خان ۽ وزيراعظم پاران پشاور ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پشاور ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي.هڪ بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف پشاور ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته الله جي آڏو سجدو ڪندي مسلمانن جو بيدردي سان قتل قرآن جي تعليم جي خلاف آهي، الله جي گهر کي نشانو بڻائڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حملي آورن جو اسلام سان ڪو به تعلق ناهي.وزيراعظم چيو ته دهشتگرد پاڪستان جي دفاع جو فرض سرانجام ڏيندڙن کي نشانو بڻائي خوف پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، پاڪستان خلاف وڙهندڙن کي صفحو تان هٽائينداسين ۽ بيگناهه شهرين جو رت وهائڻ وارن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو.هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوري قوم ۽ ادارا هڪ آهن، پوري قوم پنهنجي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.

عمران خان جي مذمت 

ٻئي طرف چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان پشاور ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته منهنجون دعائون ۽ همدرديون متاثر خاندانن سان آهن، دهشتگردي جي وڌندڙ خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي انٽيليجنس کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، دهشتگردي جي وڌندڙ خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري سامان تيار ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو