عمران خان ۽ اسد عمر خلاف ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي

عمران خان ۽ اسد عمر خلاف ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد)بيورو)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر خلاف ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي واري ڪيس جي ٻڌڻي 24 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.سنڌ اسيمبلي جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.بئريسٽر علي ظفر جو معاون وڪيل اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو.هن چيو ته علي ظفر اڄ سپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهي ان ڪري پيش نٿو ٿي سگهي.معاون وڪيل استدعا ڪئي ته ٻڌڻي ايندڙ تاريخ تائين ملتوي ڪئي وڃي.هن چيو ته اهو ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به ٻڌڻي هيٺ آهي، ان ڪيس جي ٻڌڻي 22 آگسٽ تي مقرر ڪئي وئي آهي.اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 24 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو