عمران خان گهر تي حملي لاءِ  غنڊا موڪليا:نورعالم

عمران خان گهر تي حملي لاءِ غنڊا موڪليا:نورعالم

پشاور(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ جي منحرف قومي اسيمبلي ميمبر نور عالم خان الزام هنيو آهي ته عمران خان پشاور ۾ سندس گهر تي حملي لاءِ غنڊا موڪلي آهن. نور عالم خان الزام هنيو ته منهنجي ڊيري تي ڊپٽي اسپيڪر خيبرپختونخواهه محمود جان ۽ ٻين جي سرپرستي ۾ حملو ڪيو ويو، ڪي پي پوليس حملي ڪندڙن کي تحفظ فراهم ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته برادري، ڳوٺاڻا ۽ حمايتي منهنجي مدد لاءِ پهتا ۽ چور ڀڄي ويا. نور عالم خان چيو ته آءِ جي ڪي پي ڪي ۽ سي سي پي او پشاور کي فون ڪيو ته هنن پنهنجا موبائيل فون بند ڪري ڇڏيا.ٻئي طرف پوليس جو موقف آهي ته پي ٽي آءِ جي ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن نور عالم خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ ٽن چئن منٽن بعد ڌرڻو هنيو.پوليس جو چوڻ آهي ته نور عالم خان جو گهر مين روڊ کان پري آهي، نور عالم جي شيئر ڪيل وڊيو ۾ ڪو به حملو نظر نٿو اچي، وڊيو ۾ نظر ايندڙ ماڻهو سندس حمايتي آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو