عمران خان ڪراچي مان ننڍي چونڊ وڙهندو، نامينيشن فارم منظور

عمران خان ڪراچي مان ننڍي چونڊ وڙهندو، نامينيشن فارم منظور

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان ڪراچي مان ننڍي چونڊ وڙهندو ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 239 جي ننڍي چونڊ لاءِ عمران خان جا نامينيشن ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن پي ٽي آئي اڳواڻ اڪرم چيما عمران خان جو ڪورنگ اميدوار هوندو 2018 جي چونڊن ۾ اڪرم چيما هن سيٽ تي ڪامياب ٿيو هو ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان هن تڪ تان جي يو آئي (ف) جي اميدوار محمد رمضان جا نامينيشن فارم منظور ڪري ورتا آهن اليڪشن ڪميشن پاران اين اي 239 ۾ آزاد اميدوار محمد طارق ۽ مشتاق احمد جا نامينشن فارم به منظور ڪيا ويا واضح رهي ته عمران خان قومي اسيمبلي جي 9 سيٽن تي پاڻ ننڍي چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو