اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته وزيراعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان عمران خان کي ڳالهين جي آڇ ڪرڻ پي ڊي ايم ۽ اتحادي جماعتن جو فيصلو ناهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ موجوده صورتحال بابت حافظ حمدالله چيو ته چند منٽن ۾ 8 ضمانتون ڏيڻ دنيا جو تيز ترين انصاف آهي، پاڪستانين کي مبارڪون هجن.هن چيو ته عدالتي تاريخ ۾ آچر تي عمران خان جون ضمانتون وڪرو ٿيون آهن.حافظ حمدالله جو چوڻ آهي ته هاڻي زخمي پوليس کي زمان پارڪ وڃڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ عمران خان کان معافي گهري.پي ڊي ايم جي ترجمان جو اهو به چوڻ هو ته عمران خان جو چوڻ آهي ته عدالت، رياست، قانون ۽ رياستي قوتن سان وڙهڻ جهاد آهي.










