عمران خان پيش نه ٿيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ضمانت رد ڪري ڇڏي

عمران خان پيش نه ٿيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ضمانت رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي ضمانت غير حاضري تي رد ڪري ڇڏي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جواد عباس اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست به رد ڪري ڇڏي. دهشتگردي جي انت واري عدالت عمران خان کي ساڍي ڏهين وڳي تائين پيش ٿيڻ جو وقت به ڏنو هو پر هو مقرر وقت تي عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنهن تي عدالت سندس ضمانت رد ڪري ڇڏي. عدالت جو چوڻ آهي ته گولي لڳڻ تي ڪنهن به جوابدار کي اهڙي رعايت نه ٿي ڏئي سگهجي، جيڪڏهن اهڙي رعايت ڏني وئي ته اها سمورن جوابدارن لاءِ هوندي ۽ عدالت اهڙي ڪا اڳڀرائي نٿي چاهي.

پهنجو تبصرو موڪليو