عمران خان پاڪستاني عوام جون مشڪلاتون وڌائي پيو: خالد محمود

عمران خان پاڪستاني عوام جون مشڪلاتون وڌائي پيو: خالد محمود

لنڊن(ويب ڊيسڪ)برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر خالد محمود عمران خان کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته عمران خان جي انتشار واري سياست ٻوڏ ۽ مهانگائي سبب پاڪستانين جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو آهي، پاڪستاني بهتري جا حقدار آهن.خالد محمود چيو ته پاڪستان جنهن طرف وڃي رهيو آهي ان تي تمام گهڻو خدشو آهي ۽ ان جو وڏو سبب عمران خان جا عمل آهن. عمران خان جي دور ۾ ملڪي معيشت تباهي جي ويجهو هئي.هن خط ۾ لکيو ته جمهوريت جي خدمت اها ناهي ته ڪو ماڻهو پاڻ کي صرف قيادت جي لائق سمجهي. جمهوريت ۾ آئين جي پاسداري ۽ جمهوري اصولن کي سمجهيو ويندو آهي.خالد محمود پنهنجي خط ۾ لکيو ته مان متفق آهيان ته فوج کي سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، فوج کي هڪ فرد يا هڪ اداري جي حيثيت سان نشانو نه بڻايو وڃي.خالد محمود پنهنجي خط ۾ وڌيڪ لکيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب 30 لک ماڻهو متاثر آهن ۽ عمران خان چونڊن تي پريشان آهي، جمهوريت جو مطلب اهو آهي ته حڪومت خلاف بي اعتمادي جي تحريڪ نه آندو وڃي.برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر چيو ته جمهوريت جو مطلب آهي حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ گهرجي. برطانيه ۾ حڪمران پارٽي بورس جانسن ۽ ليسٽر کي هٽائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو