اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان سياسي عدم استحڪام سبب پاڪستان کي ڊفالٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پاڪستان جي آئين ۾ چونڊن جو وقت مقرر آهي، چونڊون آئين موجب ٿينديون. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو به چوڻ آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف آءِ ايم ايف سان غلط معاهدو ڪيو هو.










