اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پارٽي جي سينيئر قيادت جو اجلاس اڄ بني گالا ۾ طلب ڪيو آهي.ذريعن موجب اجلاس ۾ مرڪزي قيادت سان گڏ پنجاب جي اهم اڳواڻن کي به دعوت ڏني وئي آهي.اجلاس ۾ 13 آگسٽ تي لاهور واري جلسي سميت مجموعي سياسي صورتحال ۽ مستقبل جي لائحه عمل جو فيصلو ٿيڻ جو امڪان آهي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي قيادت جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 13 آگسٽ واري جلسي جي صورتحال ۽ شهباز گل جي گرفتاري تي غور ويچار ڪيو ويو.اجلاس ۾ عمران خان هدايت ڪئي ته 13 آگسٽ جو اجلاس هر صورت ۾ ٿيندو، پارٽي ان حوالي سان ڀرپور تياري ڪندي.










