خانپورمھر(ن س ) پ پ ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مهر چيو آهي ته عمران خان پاران اعلانيل لانگ مارچ ناڪام ٿيندو ،عمران خان بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويو آهي. هن چيو ته عمران خان جي هارس ٽريڊنگ ڪرڻ واري آڊيو ليڪس بعد دنيا اڳيان سندس مڪروه چهرو وائکو ٿي چڪوآهي ۽ آڊيو ليڪس عمران جي سياست کي ڪفن پارائي ڇڏيو آهي ،هاڻ عدليه کي به گهرجي ته معاملي جو نوٽيس وٺي عمران خان خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. پ پ ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مهر وڌيڪ چيو ته عمران خان پهريون انسان بڻجي سياستدان ٿيڻ جو بعد ۾ سوچي. ملڪ جو ٻچو ٻچو ان جي سازشن کان واقف ٿي چڪو آهي ان ڪري عمران خان پاران اعلانيل لانگ مارچ ناڪام ٿيندو ۽ کيس مايوسي کان سوا ٻيو ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.










