اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان مرزا محمد آفريدي کي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ لاءِ پنهنجو اميدوار نامزد ڪيو آهي. مرزا محمد اڳ ۾ نواز ليگ ۾ شامل هو، اليڪشن ڪميشن، قومي اسمبلي ۽ سينيٽ جي رڪارڊ ۾ هو اڃا مسلم ليگ (ن) ۾ شامل آهي. تازو ڪي پي مان آزاد حيثيت ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو هو پر اليڪشن ڪميشن کي اطلاع ناهي ڏنو. جمعي تي مسلم ليگ (ن) سندس نامزدگي پيپر يلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. خميس تي وزيراعظم عمران خان سينيٽرز جي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي جي موقعي تي مرزا آفريدي کي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ لاءِ اميدوار نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مرزا محمد آفريدي جو تعلق فاٽا سان آهي.مانجهاندي ۾ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي اميدوار جي نالي تي به صلاح مشورا ڪيا ويا جڏهن ته اتحادين فيصلي جو اختيار وزيراعظم عمران خان کي ڏيندي يقين ڏياريو ته اڳ ۽ هاڻ به عمران خان سان گڏ بيٺل رهنداسين.ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اتحادين جي خدشن کي جلد ختم ڪيو ويندو. اتحادي ميمبر حڪومت جو اهم حصو آهن ۽ اوهان جا ٿورائتا آهيون ته اوهان هر موقعي تي اسان جو ساٿ ڏنو.










