عمران خان خلاف عدالت جو فيصلو آيو ته عوام فيصلو ڪندو: فواد

عمران خان خلاف عدالت جو فيصلو آيو ته عوام فيصلو ڪندو: فواد

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن عمران خان خلاف عدالتي فيصلو آيو ته عوام فيصلو ڪندو.هڪ انٽرويو ۾ فواد چوڌري چيو ته هن وقت عمران خان عوام کي روڪيو آهي، جيڪڏهن عدالت ۾ عمران خان خلاف فيصلو آيو ته عوام فيصلو ڪندو.ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس رٽائرڊ شيخ عثماني ڳالهائيندي چيو ته ماڻهو مشهور هجي يا نه هجي ان جو عدالتن تي ڪو اثر ناهي، عدالتون قانوني ڪارروائي کي ڏسنديون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو