اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر)وفاقي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي وزير آباد ۾ قاتلاڻي حملي جي جاچ لاءِ نئين گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) جوڙي ڇڏي آهي. گهرو وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ 5 رڪني جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب جي آءِ ٽي جي سربراهي آءِ جي ريلوي رائو سردار علي خان ڪندو. وفاقي حڪومت پاران جوڙيل جي آءِ ٽي ۾ ڊي آءِ جي پنجاب پوليس ڪامران عادل کانسواءِ انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ)، ملٽري ايجنسي (ايم آءِ) ۽ انٽيليجنس بيورو (آءِ بي) جا نمائندا به جي آءِ ٽي جو حصو هوندا. ان کان اڳ آءِ جي پنجاب غلام محمود ڊوگر جي سربراهي ۾ پنجاب حڪومت جي آءِ ٽي جوڙي هئي، جنهن ۾ اختلافن بعد پنجاب حڪومت سربراهه کي برقرار رکندي سمورا ميمبر تبديل ڪيا هئا، اختلافن بعد وفاقي حڪومت جامع ٽيم جوڙي آهي.










