عمران خان جي ھوندي  ملڪ جي ترقي ممڪن ناھي,خورشيد شاهه

عمران خان جي ھوندي ملڪ جي ترقي ممڪن ناھي,خورشيد شاهه

سکر( ن سنڌيار) آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس۾  پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد احمد شاھ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مھگائي رڳو عمران خان جي گھر ۾ گھٽ ٿي آھي .  پي ڊي ايم ملي ڪري  ٺاھي وئي ۽ ملي ڪري ئي فيصلا ڪيا وينداملڪ جو اڳواڻ ئي  ڪرپٽ آھي  ملڪ جو اڳواڻ ڪرپٽ ھجي ته ملڪ ۾ ڪرپشن وڌندي آھي ، عمران خان چيو ھو ته ٽن مھينن دوران ڪرپشن جو خاتمو آڻيندو ، ملڪ ۾ ڪرپشن ختم ٿيڻ بدران وڌي وئي آھي ، ملڪ ۾ پٽرول کنڊ عام واھپي وارين شئين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن ، عوام کان مھگائي جو بار برداشت نٿو ٿئي ، عوام موجودا حڪومت کان نجات چاھي ٿو ،عمران خان جي ھوندي  ملڪ جي ترقي ممڪن ناھي ، ھن وٽ رڳو اين آر او جو راڳ آھي ، جيڪو چوي ته نه ڏيندس، هن چيو ته ميڊيا جو آواز دٻايو پيو وڄي ، سچ ڏيکارڻ  تي چئينل بند ڪيا پيا وڃن ، پيمرا خود مختيار ادارو  ناھي رھيو  ۽ اسان ميڊيا عدليا کي آزاد ڏسڻ چاھيو ٿا

پهنجو تبصرو موڪليو