اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جي ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جي معطلي ۾ 24 مارچ تائين واڌ ڪئي وئي آهي. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ عمران خان جي جونيئر وڪيل درخواست ڪئي ته سينيئر وڪيل ٻڌڻي ۾ وقفي لاءِ لاهور کان اچي رهيو آهي، جنهن تي عدالتي عملو سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ٻڌڻي 11 وڳي بند ڪئي وئي.بعد ۾ ٻڌڻي جو وقت شروع ٿيو ته ٻنهي طرفن جو ڪوبه وڪيل پيش نه ٿيو ۽ ايڊيشنل سيشن جج فيضان حيدرگيلاني جي موڪل سبب ٻڌڻي بغير ڪنهن ڪارروائي جي ملتوي ڪئي وئي ۽ عمران خان جي ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جي معطلي ۾ 24 مارچ تائين واڌ ڪئي وئي. واضح رهي ته گذريل ٻڌڻي تي ايڊيشنل سيشن جج فيضان حيدر گيلاني عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪندي کيس اڄ 20 مارچ تائين لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو.










