اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان به ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويو.اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ٻوڏ متاثرن جي حوالي سان پنجاب ۽ ڪي پي حڪومتن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته متاثرن کي فوري امداد فراهم ڪئي وڃي.عمران خان چيو ته متاثرن جي بنا فرق جي مدد ڪئي وڃي، ڏک جي هن گهڙي ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندس.










