ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار منظور وساڻ جو چوڻ آهي ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي فيصلي کانپوءِ عمران خان ۽ سندس پارٽي جو مستقبل خطري ۾ آهي.هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران نيازي هاڻي تقريرن ۽ ڌمڪين سان واعدن تي اچي ويو آهي.منظور وساڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين ڦاسي پيو آهي، هاڻي کيس ڪنهن کان به ڪلين چٽ نه ملندي.سندس چوڻ آهي ته پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس تي پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن کي جواب نه ڏيندي.منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته عمران خان کي سياست ۾ اهي سهولتون نه ملنديون.سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جو به چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب حڪومت جو مستقبل به ختم ٿيندو نظر اچي رهيو آهي.










