اسلام آباد (بيورو رپورٽ)عمران خان جي وڪيل حامد خان چيو آهي ته عمران خان جو قومي اسيمبلي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو جذباتي هو.ڳالهائيندي حامد خان چيو ته استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ٿي سگهي ٿو ڪنهن جي مشوري تي ڪيو ويو هجي.تحريڪ انصاف جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر چيو ته تحريڪ انصاف استعيفيٰ واري معاملي تي موقف تبديل ناهي ڪيو. تحريڪ انصاف جو موقف عمران خان جهڙو ئي آهي.قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو آهي ته هو تحريڪ انصاف جي استعيفيٰ جي حق ۾ ناهي.










