سيالڪوٽ: (ويب ڊيسڪ) دفاع واري وزير ۽ مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته نومبر جو مهينو سياست جي حوالي سان اهم مهينو ثابت ٿيندو. عمران خان جا ڪيترائي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر اسان سان رابطي ۾ آهن.سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائڻ باوجود جيترا ماڻهو گڏ ٿيا اهو سڀني ڏٺو. عمران خان جو اصلي چهرو عوام آڏو اچي چڪو آهي. هن جي غلط فهمي ڪجهه ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي.خواجه آصف چيو ته ايندڙ مهينو سياست جي حوالي سان تمام گهڻو اهم آهي. نومبر جو مهينو سياسي طور تي فيصلو ڪندڙ ثابت ٿيندو. آئين آرمي چيف جي مقرري جو اختيار وزيراعظم کي ڏنو آهي. عمران خان جي ذهن ۾ اهو هو ته آرمي چيف جي مقرري سياستدان جو حصو آهي. جيڪڏهن سياستدان پاڻ ۾ ويهي آرمي چيف جي مقرري ڪندا ته رهجي ڇا ويندو. هن چيو ته دفاع واري وزارت ذريعي نالا اماڻيندي. وزيراعظم کي اختيار آهي ته اهو آرمي چيف مقرر ڪري. عمران خان قومي اسيمبلي جو ميمبر نه آهي اهو ڪيئن مشورا ڏئي سگهي ٿو. سموري عمل ۾ عمران خان جو ڪوبه ڪردار نه آهي. عمران خان ڪيترن هفتن کان اسٽيبلشمينٽ کي ٽارگيٽ ڪري رهيو آهي. عمران خان جي بيان تي ڀارت ۾ خوشيون ملهايون پيون وڃن. خواجه آصف چيو ته هي ايترا مايوس ٿي ويا آهن جو هنن کي پنهنجي ڄم تاريخ به ياد ناهي. هي چونڊن جي تاريخ گهري رهيا آهن. 13 آگسٽ کان پوءِ 90 ڏينهن ڳڻي وٺو.دفاع واري وزير چيو ته پرڏيهي سازش ۾ اڄ تائين هن آمريڪا جو نالو ناهي ورتو. هي آمريڪا جو نالو وٺڻ جي جرئت نٿو ڪري هي ڀارت جي هٿن ۾ کيڏي رهيو آهي ۽ سياسي مفادن جي لاءِ شهادت جو اشو ٺاهي رهي آهي. هن چيو ته 20 لک ماڻهو آڻيندس پر مريدڪي تائين ماڻهن جو انگ ساڍا 3 هزار تائين رهجي ويو آهي.










