ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 246 لياري ۾ ننڍي چونڊ جي لاءِ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.رپورٽ موجب ايم ڪيو ايم جي اميدوار طيب هاشمي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ريٽرننگ آفيسر حقيقتن کي نظر انداز ڪري نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا. اپيل ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عمران خان گوشوارن ۾ زرعي زمين لڪائي، عمران خان پنهنجا بئنڪ اسٽيٽمينٽ به لڪايا. عمران خان ۽ ان جي گهر واري القادر ٽرسٽ جا بينيفشري آهن پر ان جو ڪاغذن ۾ ڪوبه ذڪر نه آهي.اليڪشن ڪميشن پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو عمران خان خلاف ٻڌايو هو، عمران خان ڪوڙو حلف نامو اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايو هو. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اين اي 108 فيصل آباد جي ريٽرننگ آفيسر حقيقتن سبب ڪاغذ رد ڪيا آهن. اپيل ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي اين اي 246 تان عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا وڃن.










