لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي تعليم واري وزير ڊاڪٽر مراد راس جو چوڻ آهي ته لانگ مارچ ضرور جاري رهندو، عمران خان روڪڻ وارن مان ناهي.صوبائي تعليم وارو وزير ڊاڪٽر مراد راس لاهور جي شوڪت خانم اسپتال پهتو، جتي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جو علاج هلندڙ آهي.هن پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات ڪئي ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي.دوري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر مراد راس چيو ته عمران خان جي صحت گهڻي بهتر آهي، ڏسجي ته ڊاڪٽر عمران خان کي ڪهڙو مشورو ڏئي ٿو.لانگ مارچ جي حوالي سان هن اهو به چيو ته جيڪو به فيصلو ڪيو ويندو اهو بهتر ٿيندو.










