اسلام آباد: (بيورو) گهرو وزير راڻا ثناءُ الله عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي خبردار ڪيو آهي ته هو ڪالهه واري ضمني چونڊن ۾ ڌانڌلي کان پاسو ڪن. راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان اليڪشن هارائي چڪو آهي، هاڻي هو عوام سان وڙهڻ جي تياري ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن ڊسڪا اليڪشن بابت ڪا به تحريڪ هلندي ته قانون عمل ۾ ايندو، هو شفاف ۽ پرامن اليڪشن کي يقيني بڻائيندا.گهرو وزير چيو ته اطلاع مليا آهن ته پي ٽي آءِ جا 500 کان وڌيڪ غنڊا گردن کي ضمني چونڊن ۾ ڌانڌلي جي نيت سان پنجاب آندو ويو آهي، پنجاب جي ڀائرن سان وڙهڻ جو منصوبو آهي.هن چيو ته پرويز خٽڪ، اسد قيصر علي محمد خان ۽ مراد سعيد انهن فسادين کي پناهه ڏئي رهيا آهن، جيڪي اليڪشن ڪميشن ۽ قانون جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا اهي قانون کي منهن ڏين، جيڪڏهن تشدد ٿيو ته ذميوار عمران نيازي هوندو. راڻا ثناءُ الله جو وڌيڪ چوڻ هو ته چئن سالن جي اقتدار ۾ عوام کي لُٽيندڙن کي 20 تڪن جي عوام جو مينڊيٽ چوري ڪرڻ نه ڏنو ويندو، پ پ پ جي حڪومت جو جلسو ڪنداسين.










