اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف آرمي ايڪٽ تحت ٽرائل جي حوالي سان اهم بيان ڏئي ڇڏيو.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف چيو ته عمران خان خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي جو امڪان آهي هن چيو ته عمران خان سمورا حربا استعمال ڪرڻ کانپوءِ ڏٺو ته هو بند گهٽي تي اچي ويو آهي.بچاءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته هاڻي عمران خان بند گهٽي مان اسٽيبلشمينٽ کي فون ڪري رهيو آهي ته مون سان مذاڪرات ڪريو،هن چيو ته عمران خان گذريل ٽن چئن ڏينهن ۾ مفاهمت يا پشيماني جا ڪجهه لفظ ڳالهايا آهن انهن ۾ ڪا به صداقت يا سچائي ناهي.










