عمران جو صدر کي خط،باجوهه خلاف جاچ جو مطالبو

عمران جو صدر کي خط،باجوهه خلاف جاچ جو مطالبو

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان صدر عارف علوي کان اڳوڻي آرمي چيف جنرل(ر) قمر جاويد باجوه جي بيانن تي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. عمران خان طرفان صدر عارف علوي کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه ڏينهن دوران عوامي سطح تي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيا آهن. ان بابت صاف ظاهر ٿيڻ گهرجي ته جنرل باجوه پنهنجي حلف جي ڪيئن ڀڃڪڙي ڪري سگهي ٿو. جنرل باجوه صحافي کي انٽرويو دوران اعتراف ڪيو آهي ته اسان عمران خان کي ملڪ جي لاءِ خطرو سمجهندا هئاسين. جنرل باجوه اهو به اعتراف ڪيو ته عمران خان اقتدار ۾ رهيو ته ملڪ کي نقصان ٿيندو. جاچ ڪئي وڃي ته جنرل باجوه جي استعمال ڪيل لفظ (اسان) مان ڇا مراد آهي. عمران خان چيو ته جنرل باجوه کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو ته چونڊيل وزيراعظم بابت فيصلو ڪري، فيصلو صرف عوام جو آهي ته هو ڪنهن کي وزيراعظم چونڊ ڪرڻ چاهي ٿو. جنرل باجوه جو پاڻ کي فيصلو ڪندڙ بنائڻ آئين جي آرٽيڪل 244 جي کليل ڀڃڪڙي آهي. جنرل باجوه جو پاڻ کي فيصلو ڪندڙ بنائڻ آئين جي ٽئين شيڊول ۾ لکيل حلف جي ڀڃڪڙي آهي. عمران خان خط ۾ لکيو آهي ته جنرل باجوه پنهنجي ڳالهين ۾ نيب کي ڪنٽرول ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي. جنرل باجوه اهو به مڃيو ته هن شوڪت ترين خلاف نيب جا ڪيس ختم ڪرايا. جنرل باجوه جي اها دعويٰ به حلف جي ڀڃڪڙي آهي. آئين جي تحت پاڪ فوج دفاع واري وزارت جي ماتحت آهي. آئيني نظم جي تحت سويلين اختياريون يا خودمختيار ادارا فوج جي ماتحت نه آهن.عمران خان چيو آهي ته جنرل باجوه جي وزيراعظم سان ڳالهين جي ريڪارڊنگ آرمي چيف جي حلف جي ڀڃڪڙي آهي. جنرل باجوه جي وزيراعظم سان ڳالهين جي رڪارڊنگ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، ان سوال جو جواب اهم آهي ته جنرل باجوه ڇو ۽ ڪهڙي حيثيت ۽ اختيار سان ڳجهيون ڳالهيون رڪارڊ ڪندو هو. پاڪ فوج جي سپريم ڪمانڊر هجڻ جي ناتي اوهان جي آئيني ذميواري آهي ته اوهان هن معاملي جو فوري طور تي نوٽيس وٺو.عمران خان خط ۾ مطالبو ڪيو آهي ته جاچ ذريعي ڄاڻ ورتي وڃي ته آئين تحت آرمي چيف جي حلف جي اهڙي سنگين قسم جون ڀڃڪڙيون ڪيئن ڪيون ويون آهن. روس، يوڪرين جنگ تي حڪومت جي غير جانبداريت پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪندي جنرل باجوه پنهنجي حلف کي پامال ڪيو. جنرل باجوه 2 اپريل 2022 تي سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ روس، يوڪرين جنگ تي حڪومت پاليسي کان هٽي ڪري تڪراري موقف اپنايو. مان نشاندهي ڪندس ته معاملي تي پاڪستان جي حڪومت جي پاليسي کي پرڏيهي وزارت ۽ لاڳاپيل ماهرن سميت سمورين ڌرين ۾ مڪمل اتفاق راءِ سان جوڙيو وڃي. آئين جو چيپٽر 2 ۽ خاص طور تي آرٽيڪل 244، 243 پاڪ فوج جي اختيارن جي وضاحت ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو