لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي توانائي واري وزير عمر ايوب خان کي پي ٽي آءِ جو سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيو ويو آهي.تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان عمر ايوب خان کي سيڪريٽري جنرل بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.واضح رهي ته اڳوڻي وزير عمر ايوب خان 2018ع ۾ عمران خان سان ملاقات ۾ تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو هو.










