عليم خان جا الزام ، عثمان بزدار جي ترديد

عليم خان جا الزام ، عثمان بزدار جي ترديد

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ عبدالعليم خان طرفان لڳايل الزامن جي سختي سان ترديد ڪري ڇڏي آهي.وڏي وزير جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته عبدالعليم خان بزدار حڪومت مٿان بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيا الزام لڳايا جن ۾ ڪابه سچائي نه آهي. بيان ۾ وضاحت ڏني وئي آهي ته پنجاب ۾ مقرريون ۽ بدليون صرف ميرٽ تي ٿيون آهن. فرح خان جي مقرري، بدلي ۽ ٺيڪن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪوبه ڪردار ناهي ان ڪري عبدالعليم خان کي اهڙن قسمن جي بيان لڳائڻ تي شرم اچڻ گهرجي.ترجمان موجب پنجاب ۾ ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ پيشوارانه صلاحيتن ۽ ميرٽ کي نظر ۾ رکندي ڪئي ويندي آهي. جڏهن ته وڏي وزير عثمان بزدار اڄ تائين مقررين ۽ بدلين ۾ ڪابه مداخلت ناهي ڪئي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته خريد ۽ وڪرو جنهن ڪئي ۽ جيڪي ڪري رهيا آهن اهي قوم جي سامهون بي نقاب ٿي چڪا آهن. پئسن جي سياست ڪندڙ ڪردار عوام جي سامهون اچي چڪا آهن عثمان بزدار بي بنياد الزام لڳائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو