عراق (ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي دوري جي موقعي تي بغداد ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي نئين عمارت جو پيڙهه جو پٿر رکيو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پاڪستان-عراق بزنس فورم ۽ بزنس ڪائونسل قائم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.سفارتخاني جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ۾ عراق جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير فواد حسين به بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ هو.عراق ۾ پاڪستاني سفير احمد امجد علي ۽ پاڪستان ۾ عراقي سفير حامد عباس لفتا پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بغداد ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپليڪس جي تعمير ساراهه جوڳي آهي.هن چيو ته پاڪستاني سفارتخانو ڪمپليڪس عراق ۽ پاڪستان جي عوام، ڪاروباري برادري سميت سمورن شعبن جي ماڻهن لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي عراق جي تازي دوري دوران سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ رکندڙ پاڪستانين جي ويزا جي خاتمي جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون، جڏهن ته پاڪستان ۽ عراق جي چيمبرز آف ڪامرس ۽ ثقافتي تعاون الڳ الڳ معاهدن تي صحيحون ڪيون.پرڏيهي وزير ڪربلا ۾ پاڪستاني زائرين لاءِ سينٽر ۽ نجف ۾ پاڪستاني قونصليٽ کولڻ جو به اعلان ڪيو.ٻنهي ملڪن وچ ۾ زراعت، موسمياتي تبديلي، تعليم، صحت ۽ عراقي ڊولپمينٽ ڪوريڊور ۾ پاڪستاني مزدورن جي شموليت سميت اهم معاملن تي گڏيل سهڪار تي اتفاق ڪيو ويو.دوري دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراقي صدر ۽ وزيراعظم سميت اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪيون.سفارتي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهڙائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.










