بغداد (ويب ڊيسڪ) عراق جي گادي واري شهر بغداد جي البلد ۾ 8 راڪيٽ فائر ڪرڻ سبب 4 مقامي عراقي فوجي مارجي ويا آهن. اي ايف پي جي خبر موجب عراقي فوجي ترجمان ان جي تصديق ڪئي آهي. ڪاتيو شا راڪٽ لانچر ذريعي هڪ ئي وقت ڪيترا راڪٽ فائر ڪري سگهجن ٿا. متاثره علائقي ۾ آمريڪي فوجي به موجود هئا پر انهن مان ڪنهن جي زخمي ٿيڻ يا مارجڻ جي ڪا به تصديق ناهي ٿي سگهي. البلد اڏي تي عراق پاران آمريڪا کان خريد ڪيل ايف 16 جهازن جو مرڪز آهي. هن ايئر بيس تان ايران ۽ آمريڪي ڇڪتاڻ بعد آمريڪي فوجين کي محفوظ مقام تي منتقل ڪيو ويو هو. لاڪ هيڊ ڪمپني جا ملازم اڳ ۾ ئي واپس هليا ويا هئا.










