ڪراچي(رپورٽر)لياري گينگ جي سربراهه عذير بلوچ خلاف ڌماڪيدار مادو هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ رينجرز جي ڊي ايس آر اهم بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو ڪراچي جي عدالت ۾ رينجرز آفيسر پنهنجي بيان ۾ چيو ته عذير بلوچ جاچ دوران گارڊن ۾ بارود ۽ هٿيار پورڻ جو انڪشاف ڪيو رينجرز آفيسر موجب نشاندهي تي زمين ۾ پوريل ايل ايم جي، راڪيٽ لانچر، دستي بم، گوليون ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا جوابدار جي وڪيل طرفان شاهد کان آڏي پُڇا مڪمل ڪئي وئي آهي ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وڌيڪ شاهدن کي طلب ڪري ورتو










