عذرا پيچوهو  سان امتياز شيخ  ۽ باري پتافي جي ملاقات

عذرا پيچوهو سان امتياز شيخ ۽ باري پتافي جي ملاقات

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)صحت ۽ ڀلائي کاتن واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو سان توانائي واري وزير امتياز شيخ ۽ لائيو اسٽاڪ واري وزير انجنيئر عبدالباري خان پتافي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت خاص مددگار تنزيله ام حبيبه قمبراڻي، سيڪريٽري صحت ذوالفقار شاهه، سيڪريٽري زراعت اعجاز مهيسر، سيڪريٽري لائيواسٽاڪ ۽ فشريز تميز الدين کيڙو پڻ موجود هئا. سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو تازو ئي ايران جي دوري کانپوءِ بريفنگ جي سلسلي ۾ صوبائي وزيرن سان ملاقات ڪئي. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ صحت، توانائي، لائيو اسٽاڪ ۽ آئي ٽي جي شعبن وارن پروگرامن ۾ ترقي جا موقعا آهن. سنڌ حڪومت پاڙيسري ملڪ ايران سان لاڳاپن جي بنياد تي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. هن چيو ته اقتصادي پابندين جي باوجود ايران پنهنجن وسيلن کي وڌايو ۽ پنهنجي شعبن کي مضبوط ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ايران ۾ انفارميشن پارڪ جو گهڻو ٽرينڊ آهي جنهن تي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ ذريعي ڪم ڪري سگهون ٿا. صوبائي وزير چيو ته زراعت ۽ لائيواسٽاڪ جي شعبن ۾ جينياتي ٽيڪنالاجي جي مدد سان ايران فوڊ سيڪيورٽي جهڙن مسئلن تي ضابطو آندو آهي جنهن تي گڏجي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. هيلٿ ميڊيسن جي شعبي ۾ بائيو ميڊيسن، ٽرانسپلانٽيشن ۽ ويڪسين جي تياري جي سلسلي ۾ صحت جي ڊاڪٽرن جون ٽيمون ايران موڪليون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته ايران پاران پاڪستان ۾ انساني عضون جي ٽرانسپلانٽيشن جي سلسلي ۾ ايس آءِ يو ٽي ۽ گمبٽ انسٽيٽيوٽ جي ڪوششن کي ساراهيو ويو، جيڪا اسان لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو