لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود پنجاب جو گورنر پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير حمزه شهباز کان حلف نه وٺي سگهيو ۽ نه ئي حلف کڻڻ لاءِ ڪو نمائندو مقرر ڪيو. حمزا شهباز 16 اپريل تي پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويو هو، پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ (ق) پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز کان حلف کڻڻ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي هئي.اپيل ۾ چيو ويو ته عدالت کي گورنر ۽ صدر خلاف ڪارروائي جو اختيار ناهي، سنگل بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. ٻئي پاسي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ تي اجلاس وڌيڪ 18 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڊپٽي اسپيڪر پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ وزيٽر گيلري مان ڪرائي هئي ان ڪري هي اليڪشن نه ٿي.










