اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم جي خلاف ورزي ڪندي عدالت پاران مقرر ڪيل جاءِ تي جلسو ڪرڻ بدران ڊي چوڪ تي جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
Protesters are setting grass, garbage ablaze in Blue Area near D-chowk in Islamabad to minimize effect of tear gas. They are also carrying masks, clubs and bags to fight it all pic.twitter.com/xYpRf4rw4q
— Aamir Saeed (@AamirSaeed_) May 25, 2022
عمران خان جي اهڙي اعلان بعد ڪارڪن رڪاوٽون ٽوڙي ڊي چوڪ پهتا جتي گرين بيلٽ ۾ وڻن ۽ ڇٻر کي ڪيترن جاين تي باهيون ڏئي ڇڏيو.
Protesters are setting grass, garbage ablaze in Blue Area near D-chowk in Islamabad to minimize effect of tear gas. They are also carrying masks, clubs and bags to fight it all pic.twitter.com/xYpRf4rw4q
— Aamir Saeed (@AamirSaeed_) May 25, 2022
ڪارڪنن پوليس تي پٿراءُ ڪيو ۽ جواب ۾ پوليس ڳوڙها گيس جي شيلنگ ڪئي. صحافين کي فائر ٿيل ڪجهه شيلز جا کوکا به مليا جيڪي مدي خارج هئا. ملتان کان مارچ ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ عامر ڊوگر پنهنجي گاڏي جي ڇت تي بيٺو رهيو ۽ اوچتو بريڪ لڳڻ سبب منهن ڀر روڊ تي ڪريو.
شرم کرو حیا کرو https://t.co/zO3YmzmgE4
— Maryam Nawaz Sharif (@MaryamNSharif) May 25, 2022
لاهور جو بتي چوڪ ميديان جنگ بڻيل رهيو، رات دير تائين پي ٽي آءِ جا همدرد لبرٽي چوڪ تي گڏ ٿي ويا. عدالت پاران رڪاوٽون هٽائڻ واري حڪم بعد عمران خان ڊي چوڪ لاءِ ڪي پي مان روانو ٿيو. هو پوليس پروٽوڪول ۾ عدالتي حڪم تائين ڪي پي ۾ موجود رهيو. آخري اطلاعن تائين عمران خان ٽيڪسيلا پهچڻ وارو آهي ۽ ڊي چوڪ ميدان جنگ بڻيل آهي.










