عدالت پاران عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو حڪم

عدالت پاران عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مقامي عدالت ڪجهه ڏينهن اڳ فوت ٿيل قومي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت حسين جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم بابت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اڄ صبح فيصلو محفوظ ڪيو هو. عدالت شهري عبدالاحد جي درخواست منظور ڪندي عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ته جيئن عامر لياقت جي موت جو ڪارڻ معلوم ڪري سگهجي. درخواستگذار چيو ته عامر لياقت مشهور ٽي وي اينڪر ۽ سياستدان هو، سندس اوچتو موت ڪراچي جي شهرين ۾ شڪ پيدا ڪري ڇڏيا آهن، کين خدشو آهي ته کيس ملڪيت جي تڪرار ۾ قتل ڪيو ويو آهي، موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ پوسٽ مارٽم ڪرايو وڃي. ٻئي طرف پبلڪ پراسيڪيوٽر جو چوڻ آهي ته وارث عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ نٿا چاهين، وارثن جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم سان سندس والد جي روح کي ڏک ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو