عدالت  صوبائي ڪابينا خلاف داخل درخواست اڪلائي ڇڏي

عدالت صوبائي ڪابينا خلاف داخل درخواست اڪلائي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي درخواست واپس وٺي ڇڏي.درخواستگذار عثمان فاروق ايڊووڪيٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيو آهي ته بلدياتي چونڊون ٿي چڪيون آهن، ان ڪري درخواست واپس وٺڻ چاهيان ٿو.درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزير ناصر حسين ۽ شرجيل انعام ميمڻ کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت چونڊون روڪڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو آهي.درخواست ۾ خط لکڻ تي سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جي به استدعا ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو