لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عثمان بوزدار جي وڏي وزير جي عهدي تي بحالي واري درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي استعيفيٰ کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي. درخواست ۾ استعيفيٰ منظور ڪرڻ ۽ کيس عهدي تي بحال ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب جي اڳوڻي گورنر چوڌري سرور غيرقانوني طور عثمان بوزدار جي استعيفيٰ منظور ڪئي. درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته حمزا شهباز کي پنجاب جي وڏي وزير طور ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن ۽ عثمان بوزدار کي پنجاب جي وڏي وزير طور بحال ڪيو وڃي. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ سڀاڻي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.










