لاهور (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان لاهور جي هڪ ڏينهن واري دوري ۾ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ منعقد مختلف اجلاسن ۾ واضح ڪيو آهي ته وزيراعليٰ پنجاب عثمان بزدار پنهنجي مدت پوري ڪندو. رپورٽ مطابق وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ پنجاب ڪابينا جي ميمبرن ۽ صوبائي وزيرن جي گڏيل هڪ اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته مان ڄاڻان ٿو ته اجلاس ۾ ويٺل هر شخص وزيراعليٰ بڻجڻ جي خواهش رکي ٿو پر هو وزيراعليٰ عثمان بزدار سان گڏ بيٺو آهي. ذريعن مطابق وزيراعظم جو چوڻ هو ته عثمان بزدار جي جڳهه وٺندڙ خواهشمند ماڻهو کي ايندڙ 4 سالن تائين انتظار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته عثمان بزدار محل نما گهر ۾ رهي ٿو نه ئي پنهنجي ذاتي سيڪيورٽي تي 80 ڪروڙ رپيا سالانه خرچ ڪري ٿو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ اصلاحات تي جهڙي طرح عملدرآمد ڪيو ويو ائين پهرين ڪڏهن به پنجاب ۾ ناهي ٿيو اسان کي پنجاب ۾ ٿيندڙ اصلاحات جي جاڳرتا ۽ ان حوالي سان سيمينار منعقد ڪرائڻ جي ضرورت آهي. صوبائي اسيمبلي جا وزير، سينئر حڪومتي ۽ پوليس عهديدارن سان ملاقاتن ۽ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ وزيراعظم چيو ته گذريل 15 مهينن دوران تحريڪ انصاف حڪومت مافيا سان جنگ وڙهي. ان کان علاوه ٻين اجلاسن ۾ وزيراعظم آلودگي تي ڪنٽرول ڪرڻ بابت فيصلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت اڳوڻن بيوروڪريٽس سان مشاورت ڪري جنهن کان پوءِ ميرٽ تي بيورو ڪريٽس مقرر ڪيا ويا. هن اميد ظاهر ڪئي ته بيورو ڪريٽس جي نئين ٽيم حڪومتي امور جي راهه هموار ڪندي پنجاب ۾ مثبت نتيجا ڏيندڙ تبديلي آڻيندي.










