عالمي منڊي ۾ سون جي قيمت تاريخي بلندي تي پهچي وئي

عالمي منڊي ۾ سون جي قيمت تاريخي بلندي تي پهچي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سون جي قيمت پهريون ڀيرو تاريخ ۾ في اونس 5,000 آمريڪي ڊالر کان مٿي ٿي وئي آهي، جنهن سان اها تاريخي تيزي وڌيڪ وڌي وئي آهي.  سال 2025 دوران قيمتي ڌاتوءَ ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڏٺو ويو آهي. (جنهن بعد پاڪستان ۾ سومر تي في تولي جي قيمت ۾ 10 هزار 900 روپيا واڌ ٿي وئي ۽ في تولو 5 لک 32 هزار 66 روپيا ٿي ويو آهي)۔
بي بي سي جي هڪ رپورٽ موجب هي اضافو ان وقت سامهون آيو آهي، جڏهن گرين لينڊ بابت آمريڪا ۽ نيٽو وچ ۾ وڌندڙ تڪرار مالي ۽ جيوسياسي غير يقيني صورتحال بابت خدشن ۾ واڌ ٿي آهي۔
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي واپاري پاليسين به مارڪيٽن کي پريشان ڪيو آهي. ڇنڇر تي هن ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ڪينيڊا چين سان واپاري معاهدو ڪري ٿو ته ان تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويندو۔
سون ۽ ٻيون قيمتي ڌاتون اهڙيون محفوظ سيڙپڪاريون (Safe-haven assets) سمجهيون وڃن ٿيون، جيڪي سيڙپڪار غير يقيني حالتن ۾ خريد ڪن ٿا۔ جمعي ڏينهن چاندي به پهريون ڀيرو في اونس 100 ڊالر کان مٿي پهتي، جڏهن ته گذريل سال ان جي قيمت لڳ ڀڳ 150 سيڪڙو وڌي هئي۔
قيمتي ڌاتن جي طلب ۾ اضافي جا ٻيا سبب به آهن، جن ۾ عام کان وڌيڪ مهانگائي، آمريڪي ڊالر جي ڪمزوري، دنيا جي مرڪزي بئنڪن پاران خريداري، ۽ اهو امڪان شامل آهي ته آمريڪي فيڊرل رزرو هن سال ٻيهر وياج جون شرحون گهٽائيندو۔
يوڪرين ۽ غزه جون جنگيون، گڏوگڏ واشنگٽن پاران وينزويلا جي صدر نيڪولس مادورو کي حراست ۾ وٺڻ، پڻ سون جي قيمت وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا آهن۔
سون جي وڏي ڪشش ان جي نسبي کوٽ آهي۔ ورلڊ گولڊ ڪائونسل موجب، هاڻي تائين پوري دنيا مان لڳ ڀڳ 216,265 ٽن سون ڪڍيو ويو آهي۔
ايترو سون ٽن کان چار اولمپڪ سائيز سوئمنگ پول ڀرڻ لاءِ ڪافي آهي۔ ان مان اڪثريت 1950 کان پوءِ ڪڍيو ويو، جڏهن کان کوٽائي جي ٽيڪنالاجي بهتر ٿي ۽ نوان ذخيرا دريافت ٿيا۔
آمريڪي جيالوجيڪل سروي جو اندازو آهي ته زمين هيٺان اڃا لڳ ڀڳ 64,000 ٽن سون ڪڍي سگهجي ٿو، پر ايندڙ سالن ۾ ان جي فراهمي هڪ حد تي پهچي سگهي ٿي۔
اي بي سي ريفائنري جي ادارتي مارڪيٽن جي عالمي سربراهه نڪولس فريپل چيو: “جڏهن توهان سون جا مالڪ آهيو ته اهو ڪنهن ٻئي جي قرض سان ڳنڍيل نه هوندو، جيئن بانڊ يا شيئر، جن جي ڪارڪردگي ڪمپني جي ڪارڪردگي تي دارومدار رکي ٿي۔”
هن وڌيڪ چيو: “هي انتهائي غير يقيني دنيا ۾ هڪ بهترين تنوع وارو ذريعو آهي۔”
’ماڻهو سون ڏانهن ڇورجوع ڪن ٿا‘
سال 2025 ۾ سون هڪ شاندار سال ڏٺو، جنهن دوران 1979 کان پوءِ سالياني بنياد تي سڀ کان وڏو اضافو ٿيو، ڇاڪاڻ ته سيڙپڪار وڏي انگ ۾ قيمتي ڌاتن ڏانهن وڌيا۔
ٽرمپ جي ٽيرفن بابت خدشن ۽ مصنوعي ذهانت سان لاڳاپيل شيئرن جي وڌيڪ قيمتي هجڻ جي خوف سبب، مالي مارڪيٽون پريشان رهيون ۽ سون بار بار نوان ريڪارڊ قائم ڪندو رهيو۔
ميٽلز فوڪس ريسرچ اداري جي نيڪوس ڪاوليِس چيو: “منهنجي خيال ۾ ان جو وڏو سبب آمريڪي پاليسين بابت انتهائي غير يقيني صورتحال آهي۔”
جڏهن ته معاشي خدشا سون جي قيمت وڌائڻ ۾ مدد ڪن ٿا، پر جڏهن سيڙپڪار وياج جون شرحون گهٽجڻ جي اميد ڪن ٿا تڏهن به سون مهانگو ٿي ويندو آهي۔
گهٽ وياج عام طور بانڊ جهڙين سيڙپڪاري تي گهٽ منافعو ڏين ٿا، تنهنڪري سيڙپڪار سون ۽ چاندي جهڙن اثاثن ڏانهن رخ ڪن ٿا۔
اميد ڪئي پئي وڃي ته آمريڪي فيڊرل رزرو هن سال پنهنجي بنيادي وياج جي شرح ٻه ڀيرا گهٽائيندو۔
پيپر اسٽون جي ريسرچ اسٽريٽجسٽ احمد اسيري چيو: “هي الٽو تعلق رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته سرڪاري بانڊ ۾ پئسا رکڻ جو موقعاتي خرچ هاڻي فائديمند نه رهيو آهي، تنهنڪري ماڻهو سون ڏانهن وڃن ٿا۔”
ڪيترين ئي ثقافتن ۾، سون ميلن ٽهولن دوران خريد ڪيو ويندو آهي يا شادين جهڙين خوشين جي موقعن تي تحفي طور ڏنو ويندو آهي۔
هي رڳو سيڙپڪار ئي نه آهن جيڪي سون خريد ڪري رهيا آهن۔ ورلڊ گولڊ ڪائونسل موجب، گذريل سال مرڪزي بئنڪن پنهنجي ذخيرن ۾ سوين ٽن سون شامل ڪيو۔
ڪاوليِس چيو: “آمريڪي ڊالر کان پري وڃڻ جو واضح رجحان نظر اچي ٿو، جنهن مان سون کي تمام گهڻو فائدو ملي رهيو آهي۔”
سال جي شروعات ۾ سون جي تيزي جاري رهي آهي، پر فريپل خبردار ڪيو آهي ته “خبرن تي ٻڌل” مارڪيٽ سبب قيمت گهٽجڻ جو امڪان به ٿي سگهي ٿو۔
هن چيو: “اهڙي امڪان لاءِ جڳهه ضرور آهي ته ڪا اوچتي خبر دنيا لاءِ سٺي هجي، پر لازمي ناهي ته اها سون لاءِ به فائديمند هجي۔” پر هر ڪو سون رڳو سيڙپڪاري لاءِ نٿو خريد ڪري۔
ڀارت ۾، ساليانو ديوالي جو ميلو قيمتي ڌاتن خريد ڪرڻ لاءِ سٺو موقعو سمجهيو ويندو آهي، جنهن سان دولت ۽ سٺي قسمت اچڻ جو يقين ڪيو ويندو آهي۔
آمريڪي سيڙپڪاري بئنڪ مورگن اسٽينلي موجب، ڀارتي گهرن وٽ 3.8 ٽريلين ڊالر جو سون موجود آهي، جيڪو ملڪ جي مجموعي گهريلو پيداوار (GDP) جو 88.8 سيڪڙو آهي۔
پاڙيسري ملڪ چين دنيا جي سڀ کان وڏي اڪيلي سون جي صارف مارڪيٽ آهي، جتي ڪيترائي ماڻهو سمجهن ٿا ته سون خريد ڪرڻ سان سٺي قسمت ملي ٿي۔
ڪاوليِس چيو: “اسان اڪثر چيني نئين سال جي آس پاس طلب ۾ موسمي واڌ ڏسون ٿا، جيڪا هن وقت به ڪجهه حد تائين نظر اچي رهي آهي، خاص طور تي ايندڙ ’گهوڙي جي سال‘ جي حوالي سان، جيڪو فيبروري ۾ شروع ٿيندو۔”
(نوٽ سنڌيار جي تحقيق بابت دنيا جي ٽاپ فائيو ملڪن ۾ ڀارت شامل ناهي. دنيا ۾ هن وقت به سڀ کان وڌيڪ سون آمريڪا وٽ آهي، جيڪو 8133.5 ٽن آهي، جرمني وٽ 3351.5 ٽن، اٽلي وٽ 2451.8 ٽن فرانس وٽ 2437 ٽن، روس وٽ 2332.7 ٽن آهي. سون جي ماپو اونس 28.35 گرام يا 2.43 تولن برابر آهي)

پهنجو تبصرو موڪليو