لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ): مشرق وسطيٰ ۾ آمريڪا ۽ ايران جي ڇڪتاڻ باوجود عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي. برٽش خبرون ڏيندڙ اداري موجب، برينٽ خام تيل جي قيمت 1.45 ڊالر گهٽجڻ بعد 89.29 ڊالر في بیرل ٿي وئي آهي، جڏهن ته آمريڪي تيل (WTI) 85 سينٽ سستو ٿي 83.61 ڊالر تي اچي ويو آهي. ماهرن موجب ايران ۽ عمان جي وچ ۾ سمنڊي رستن بابت نون معاهدن جي تجويزن سبب مارڪيٽ ۾ تيل جي فراهمي بهتر ٿيڻ جا امڪان آهن، جنهن ڪري قيمتون گهٽيون آهن.










