لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ): عالمي ميڊيا رپورٽن موجب، مشرق وسطيٰ ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ وڌندڙ سخت جنگي ڇڪتاڻ جي باوجود عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ اوچتو وڏي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. خبرون ڏيندڙ عالمي اداري ”رائٽرز“ جي رپورٽ موجب، بين الاقوامي منڊي ۾ برينٽ خام تيل جي قيمت ۾ 1.29 ڊالر جي ڪمي ٿي آهي، جنهن بعد نئون اگهه 89.45 ڊالر في بيرل تي بند ٿيو آهي. اهڙي ريت آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (WTI) خام تيل جي قيمت به 56 سينٽ يعني 0.66 سيڪڙو گهٽجڻ بعد 83.90 ڊالر في بيرل تي ٽريڊ ڪندي رهي.رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته خطي ۾ جنگي صورتحال ۽ تڪرار باوجود تيل کڻي ويندڙ وڏن بحري جهازن جي آمدورفت بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري آهي، جنهن ڪري مارڪيٽ ۾ تيل جو بحران پيدا نه ٿيو ۽ قيمتون هيٺ آيون. ياد رهي ته ان کان اڳ واري ڪاروباري سيشن دوران برينٽ خام تيل ۾ 7.91 سيڪڙو ۽ ڊبليو ٽي آئي تيل جي قيمت ۾ 6.56 سيڪڙو جو تاريخي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو هو.










