عالمي مارڪيٽ سميت مقامي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ واڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جو اگهه 17 ڊالر جڏهن ته پاڪستان ۾ سون في تولو 400 رپيا وڌي ويو.عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه في اونس ۾ 17 ڊالر جي واڌ ٿي آهي، ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو في اونس اگهه 1756 ڊالر تي پهچي ويو آهي.ٻئي پاسي پاڪستاني صرافا مارڪيٽن ۾ به خميس ڏينهن سون جو في تولو ۽ ڏهه گرام اگهه ۾ بالترتيب 400 رپين ۽ 343 رپين جي واڌ ٿي آهي.اگهن ۾ واڌ جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ملتان، لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي، ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ سون جو في تولو اگهه 1 لک 59 هزار 600 رپين ۽ ڏهه گرام سون جو اگهه وڌڻ بعد 1 لک 36 هزار 831 رپيا ٿي ويو.ان جي ابتڙ ملڪي صرافا بازار ۾ چاندي جو في تولو ۽ ڏهه گرام 1 هزار 710 رپين ۽ 1 هزار 466 رپين تي مستحڪم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو