ڪراچي(ويب ڊيسڪ)بين الاقوامي فوجداري عدالت (ICC) جي ميمبر ملڪن جمعي ڏينهن ووٽ ذريعي پراسيڪيوٽر ڪريم خان کي سنگين بدانتظامي جي الزام هيٺ عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو، عدالت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي.
عدالت جي انتظامي بيورو سان لاڳاپيل سفارتڪارن گذريل مهيني چيو هو ته برطانوي وڪيل ڪريم خان جو آءِ سي سي جي هڪ جونيئر عورت ملازم سان غيرمناسب جنسي تعلق هو ۽ کيس عهدي تان هٽائڻ گهرجي. رائٽرز پاران ڏٺل دستاويزن موجب، جمعي ڏينهن آءِ سي سي جي 125 ميمبر ملڪن مان وڏي اڪثريت ان سفارش جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو.
عدالت جي انتظامي اداري جي صدر پائيوي ڪوڪورانتا چيو:
“اسيمبلي 82 ميمبر ملڪن جي اڪثريت سان فيصلو ڪيو آهي ته چونڊيل آفيسر، پراسيڪيوٽر ڪريم خان، سنگين بدانتظامي ۽ فرض جي سنگين ڀڃڪڙي جو مرتڪب ٿيو آهي، تنهن ڪري کيس عهدي تان هٽايو وڃي.” 56 ورهين جي ڪريم خان مٿس لڳايل سمورن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪريم خان پيدا ته برطانيا ۾ ٿيو پر سنس والد مردان جو آهي.
ووٽنگ کانپوءِ سندس وڪيل طيب علي چيو: “مسٽر خان هن فيصلي جي قانوني حيثيت ۽ انصاف تي موجود سمورن قانوني ذريعن وسيلي اعتراض داخل ڪندو.”
ڪريم خان جي برطرفي سان ئي آءِ سي سي جي نئين پراسيڪيوٽر جي چونڊ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته اميد آهي ته نئين پراسيڪيوٽر جي چونڊ ايندڙ سال کان اڳ نه ٿي سگهندي.
واشنگٽن يونيورسٽي ۾ بين الاقوامي فوجداري قانون جي پروفيسر ليلا سعادت چيو: “عدالت جي ميمبرن هڪ تڪراري ۽ ساک وڃائي ويٺل آفيسر کي تيزي ۽ فيصلاڪن انداز ۾ هٽايو آهي، ته جيئن عدالت پنهنجي ايجنڊا هيٺ موجود اهم معاملن تي اڳتي وڌي سگهي.”
آمريڪا جي نئين مخالفت کان پوءِ برطرفي
ڪريم خان جي برطرفي اهڙي وقت ٿي آهي، جڏهن آمريڪا اعلان ڪيو آهي ته هو آءِ سي سي کي ختم ڪرڻ لاءِ نئين سفارتي مهم شروع ڪندو، ڇاڪاڻ ته سندس خيال ۾ اها عدالت آمريڪي خودمختياري لاءِ خطرو آهي.
خميس ڏينهن فلپائن جي دوري دوران آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو ته: “آءِ سي سي ۾ ڪجهه پاڳل ۽ انتها پسند ماڻهو موجود آهن، ۽ اهو هرگز ممڪن ناهي ته ڪو آمريڪي سياسي يا فوجي عملدار ڪڏهن به هن عدالت ۾ مقدمي کي منهن ڏئي.”
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽامي پگوٽ ڪريم خان جي برطرفي جي آجيان ڪندي چيو: “هو هن ناقابلِ اصلاح بدعنوان اداري جو رڳو هڪ ننڍڙو حصو هو. اڄ جي فيصلي سان آءِ سي سي کي ختم ڪرڻ بابت آمريڪا جي منصوبن تي ڪو به اثر نه پوندو.”
آمريڪا، جيڪو آءِ سي سي جو ميمبر ناهي، اڳ ئي عدالت جي 11 ججن ۽ پراسيڪيوٽرن، جن ۾ ڪريم خان به شامل آهي، تي پابنديون لاڳو ڪري چڪو آهي. انهن پابندين جو سبب اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو ۽ اڳوڻي دفاع واري وزير يوآو گيلنٽ خلاف جاري ڪيل گرفتاري وارنٽ ۽ افغانستان ۾ آمريڪي فوجين بابت ماضي جي جاچ کي قرار ڏنو ويو آهي.
يوٽرخت يونيورسٽي جي قانون جي اسسٽنٽ پروفيسر ڪائرا ويگارڊ چيو ته: “ڪريم خان کي هٽائڻ سان عدالت جي ساک ڪجهه بهتر ٿيندي، ڇو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته عدالت پنهنجي قيادت کي به جوابده بڻائي ٿي، پر عدالت کي اڃا ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو.”
هن وڌيڪ چيو: “هاڻي سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته ڇا عدالت سخت عالمي سياسي دٻاءَ جي باوجود پنهنجي آزاديءَ واري حيثيت برقرار رکندي اندروني ۽ ٻاهرين سطح تي اعتماد بحال ڪري سگهي ٿي.”
گذريل هفتي ڪريم خان تي الزام هڻندڙ عورت پهريون ڀيرو سي اين اين کي ڏنل انٽرويو ۾ عوام آڏو آئي، جتي هن ٻيهر دعويٰ ڪئي ته پراسيڪيوٽر سندس مرضي کان سواءِ ساڻس جنسي تعلق قائم ڪيو.
ٻئي طرف، ڪريم خان جي وڪيلن رائٽرز کي ٻڌايو ته خان “جونيئر وڪيل سان ڪنهن به قسم جي جنسي تعلق” جي سختي سان ترديد ڪري ٿو.
آءِ سي سي پاران اڳ ۾ جاري ڪيل سمورا گرفتاري وارنٽ برقرار رهندا، ڇاڪاڻ ته انهن کي واپس وٺڻ جو اختيار صرف عدالت جي ججن وٽ آهي.










