ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عام طور تي خيال ڪيو ويندو آهي ته دولت ئي دولت کي وڌائيندي آهي ۽ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته تمام وڏي سرمائيڪاري سان ڪاروبار ۽ منافعي جا کوڙ سارا موقعا پيدا ٿيندا آهن. ان حقيقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته دنيا جي امير ترين ماڻهن هر سال امير ٿيندو پيو وڃي ۽ غريب ماڻهو ويتر غريب ٿيندو پيو وڃي حالانڪه عالمي اداري طرفان تازي جاري ٿيندڙ رپورٽ مطابق 2018 ۾ عالمي سياست ۾ هلچل، ڪاروباري مارڪيٽن ۾ غير يقيني ۽ ڊالر ۾ وڌ چاڙهه جي سببن ڪري دنيا جا امير ترين ماڻهن جي دولت ۾ پهريون ڀيرو گهٽتائي آئي آهي. ملٽي نيشنل سرمائيڪار ڪمپني يو بي ايس ۽ ملٽي پروفيشنل انويسٽمينٽ پي ڊبليو سي جي جاري ٿيندڙ تازي رپورٽ مطابق 2018 ۾ دنيا جي ارب پتي ماڻهن کي مجموعي طور 388 ارب ڊالر يعني پاڪستاني 500 سئو کرب رپين جو نقصان پهتو آهي. ملٽي نيشنل عالمي ادارن جي جائزي مطابق خبر پئي ته 2008 کان پوءِ پهريون ڀيرو 2018 ۾ دنيا جي ارب پتي ماڻهن جي مجموعي دولت ۾ اضافي بجاءِ تقريبن 12 فيصد گهٽتائي آهي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڀ کان وڌيڪ ايشيائي ارب پتي متاثر ٿيا آهن ۽ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ چين جا ارب پتي ماڻهو متاثر ٿيا. رپورٽ ۾ واضح طور تي ڪنهن ارب پتي شخص جو ذڪر ناهي ڪيو بلڪه مجموعي طور ٻڌايو آهي ته ارب پتي ماڻهن جي دولت ۾ 388 ارب ڊالر جي گهٽتائي ٿي آهي ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ ارب پتين وٽ 2018 تائين 8 هزار 539 ارب ڊالر جي دولت هئي.










