عابدي قتل ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو، ٻئي ڪيس جي جاچ تبديل

عابدي قتل ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو، ٻئي ڪيس جي جاچ تبديل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي جي انت واري عدالت ايم ڪيو ايم اڳواڻ علي رضا عابدي کي قتل ڪرڻ جي ڪيس ۾ گرفتار چئن جوابدارن فاروق، غزالي، ابوبڪر ۽ عبدالحسيب مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڄاڻايل سمورن جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪندي ڪيس وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن بعد عدالت سرڪاري وڪيل کي سندن خلاف ڪيس جي شاهدن کي 30 نومبر تي بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڄاڻايل ڪيس ۾ عدالت چئن مفرور جوابدارن کي اڳي ئي اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي. جن ۾ حسنين، بلال، غلام مصطفيٰ عرف ڪالي چرن ۽ فيضان  شامل آهن. سرڪاري وڪيل جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ڀاڳوڙن جوابدارن سان گڏ 8 لک رپين عيوض فائرنگ ڪري ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ علي رضا کي ڊفينس واري علائقي ۾ قتل ڪري ڇڏيو هو. پوليس موجب گرفتار جوابدارن موجب کين علي رضا عابدي کي قتل ڪرڻ جو ٽاسڪ ۽ 8 لک رپين جي رقم حسيني بلڊنگ ويجهو نامعلوم شخص ڏني هئي جڏهن ته علي رضا عابدي جي قتل ۾ استعمال ٿيندڙ موٽر سائيڪل کي باهه ڏئي ساڙيو ويو هو. واضح رهي ته علي رضا عابدي کي 25 ڊسمبر تي سندس گهر ويجهو قتل ڪيو ويو هو.*** سنڌ هاءِ ڪورٽ نشي آور گٽڪو ۽ مين پڙي جي وڪري خلاف جاکوڙيندڙ  نوجوان علي حسين کي قتل ڪرڻ  جي ڪيس جي جاچ مبينه طور خراب ڪندڙ آفيسر کي تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت اهڙو حڪم اربع تي   مقتول جي والده پاران داخل ڪيل درخواست تي ڏنو.  عدالت جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان ڪيس جي  جاچ صحيح نه پيا ڪريو ۽ اوهان  واقعي  جون حقيقتون لڪايو پيا ۽ جاچ ۾ قاتلن کي بچايو پيو وڃي. ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جو اڳوڻو جاچ آفيسر سب انسپيڪٽر  صالح مون کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. وڪيل وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته علي حسن کي 27 مارچ 2019ع تي گٽڪو ٺاهيندڙن اغوا ڪيو هو ۽ 30 مارچ 2019ع تي علي حسين جو لاش شاهراه فيصل ٿاڻي جي حد مان هڪ ڪار مان مليو هو. وڪيل موجب پوليس پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ به اسان کان پئسا ورتا هئا. علي حسين جي قتل ۾ گٽڪا مافيا ۽ سندن سرپرستي ڪندڙ پوليس آفيسر شامل آهن. درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته گٽڪا مافيا جي سرپرستي ڪندڙ پوليس آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران قتل ٿيل نوجوان علي حسين جي والده عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته منهنجي پٽ کي بيگناهه قتل ڪيو ويو ۽  انصاف نه پيو ڪيو وڃي. عدالت واسطيدار ايس ايس پي کي جاچ آفيسر مٽائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو