ظلم ۽ انتقام تي ٻڌل سياست کي هڪ ڏينهن ختم ٿيڻوهو: مريم نواز

ظلم ۽ انتقام تي ٻڌل سياست کي هڪ ڏينهن ختم ٿيڻوهو: مريم نواز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز عدالتي حڪم تي پاسپورٽ واپس ملڻ تي ردعمل ڏيندي چيو ته ظلم ۽ انتقام تي ٻڌل سياسي هڪ ڏينهن ختم ٿيڻي هئي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد امير ڀٽي جي سربراهي ۾ ٽه رڪني فل ڪورٽ بئنچ مريم نواز جي درخواست منظور ڪندي ان جو پاسپورٽ واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي مريم نواز جي درخواست منظور ٿيڻ تي (ن) ليگ جي ڪارڪنن پاران جشن ملهايو ويو ۽ مٺاهيون به ورهايون ويون مريم نواز سوشل ميڊيا تي بيان ۾ هن الله جو شڪر ادا ڪندي ٻڌايو ته منهنجو پاسپورٽ واپس ملي ويو آهي پر ڇا اوهان ڄاڻون ٿا ته منهنجو پاسپورٽ هن ڪيس ۾ ٽن سالن تائين ضبط رهيو جيڪو ڪيس منهنجي خلاف ڪڏهن ٺهيو ئي نه آهي مريم نواز پنهنجي ٽوئٽ ۾ ڪنهن جو نالو وٺڻ بنا لکيو ته منهنجي جلسن جي ڊپ کان فتني مون کي جاچ لاءِ 3 مهينا نيب ۾ بنا جواز ۽ ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڊيٿ سيل ۾ رکيو پر ڪيس اڄ تائين فائنل ناهي ٿيو مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر لکيو ته فتني جي ظلم ۽ انتقام تي ٻڌل سياست هڪ ڏينهن ختم ٿيڻي هئي ڇو ته هي قدرت جو اصول آهي پر هي فارن ايجنٽ اڄ به ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ جعلسازي کان ناهي مڙهيو مڪافات عمل ۽ ان جو عبرتناڪ انجام ان جي ڪڍ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو