طلاق گهرڻ تي مڙس هٿان زال قتل، جوابدار فرار

طلاق گهرڻ تي مڙس هٿان زال قتل، جوابدار فرار

ٺري ميرواهه (رپوٽ امتياز علي شر) پيروسڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ سمندر خان بگٽي ۾ طلاق گهرڻ تان مڙس مبينا طور تي گوليون هڻي زال کي قتل ڪري ڇڏيو  مقتول عورت صورت زادي جي ماءُ لعل زادي ميڊيا کي ٻڌايو ته جيڪب آباد جو رهائشي طالب جکراڻي گهر ۾ اچي منهنجي نياڻي کي گوليون هڻي قتل ڪيو آھي جڏھن ته جوابدار جي ٻئي شادي ٿيل آھي منهنجي نياڻي کي خرچ نه ڏيندو هيو جو منهنجي نياڻي طلاق جي گهر ڪئي ته جوابدار اهڙي قهري ڪاروائي ڪري فائرنگ ڪندو فرار ٿي ويو آھي پيروسڻ پوليس لاش کي پوسٽ مارٽم لاء ٺري ميرواهه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو