جوھي( ن سنڌيار) جوھي تعلقه اسپتال شفاء گھر بدران ڪوس گھر بڻجي وئي , ڊاڪٽر گھر ويٺي پگھارون کڻڻ لڳا , اسپتال مان دوائون گم , ايمبولينس نه ملڻ سبب ھڪ سال جي معصوم نينگري تڙپي تڙپي فوت , خبر موجب تعلقه اسپتال جوھي شفاء گھر بدران ڪوس گھر بڻجي وئي , اسپتال ۾ مقرر ڪيترائي ڊاڪٽر گھر ويٺي پگھارون کڻڻ لڳا , سرڪاري ايندڙ دوائون شھر جي پرائيويٽ اسٽورن تي وڪرو ٿيڻ لڳيون , جوھي جي ڳوٺ قاسم جمالي جي رھواسي شبير ڪوري جي ھڪ سالا معصوم نينگري امبر ڪوري کي علاج لاء اسپتال آندو ويو , جتي ڊاڪٽر موجود نه ھجڻ ڪري اسپتال انتظاميا پاران ريفر ڪرڻ جو چيو ويو , جنھن تي اسپتال جي ايمبولينس ۾ تيل نه ھجڻ جو جواز ڄاڻايو ويو , جنھن سبب معصوم نينگري تڙپي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪيو , انھي موقعي تي معصوم نينگري جي وارثن اسپتال انتظاميا جي غفلت ۽ لاپرواھي خلاف سخت احتجاج ڪندي الزام ھڻندي چيو ته صبح جو ڇھين بجي معصوم نينگري کي دم جي بيماري ٿي پيو جنھن تي اسپتال کڻائي آياسين , پر اسپتال ۾ ڊاڪٽر موجود نه ھجڻ ڪري اسپتال انتظاميا پاران ريفر ڪرڻ جو چيو , جنھن تي سرڪاري ايمبولينس ۾ تيل ڀرائڻ جو چيو ويو ,معصوم نينگري جي وارثن وڌيڪ داھيندي چيو ته اسان جي معصوم نينگري تڙپندي رھي پر انتظاميا تماشائي بڻيل رھي , آخر ۾ ھنن مطالبو ڪندي چيو ته تعلقه اسپتال جوھي جي نااھل انتظاميا خلاف فوري نوٽيس وٺي اسان سان انصاف فراھم ڪيو وڃي ,










