اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر جي عبوري ضمانت ۾ 10 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.اسد عمر ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس سپرا جي عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي سندس خلاف ترنول ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.بابر اعواڻ جي ملڪ کان ٻاهر هجڻ سبب اسد عمر جي طرفان ساٿي وڪيل سردار عدالت ۾ پيش ٿيو.ايسوسيئيٽ پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته پراسيڪيوٽر جي ماءُ فوت ٿي وئي آهي جنهن سبب هو موڪل تي آهي.هن استدعا ڪئي ته اسد عمر خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي.ايسوسيئيٽ پراسيڪيوٽر سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته هن ڪيس ۾ توهان ۽ مان ڪجهه نٿا ڄاڻون، مان اڪيلو شخص آهيان جنهن جا 9 ۽ 10 مئي بابت بيان آهن.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته پراسيڪيوشن وٽ منهنجي خلاف ڪو به ثبوت ناهي.دليل ڏيندي وڪيل سردار بسي چيو ته اڄ دليل مڪمل ڪرڻ چاهيان ٿو.عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته پراسيڪيوٽر اڃا نه آيو آهي، ايندڙ تاريخ مقرر ڪري.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.پي ٽي آءِ جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري اسد عمر چيو آهي ته جهانگير ترين ساڻس رابطو ناهي ڪيو.اسد عمر اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي.صحافي سوال ڪيو ته ڇا توهان جهانگير ترين جي پارٽي ۾ ويندا؟ ان تي اسد عمر چيو ته منهنجو جهانگير ترين سان ڪهڙو تعلق آهي؟صحافي سوال ڪيو ته جهانگير ترين اوهان سان رابطو ڪيو آهي؟ ان تي اسد عمر چيو ته نه، جهانگير ترين اڃا تائين ڪو به رابطو ناهي ڪيو. هن چيو ته جيل مان آيو آهيان 7 کان 8 ڏينهن ٿي ويا آهن، عدالتن جا چڪر هڻندو آهيان، فواد چوڌري وقت بوقت مون سان رابطي ۾ هوندو آهي.صحافي اسد عمر کان سوال ڪيو ته فيصل واوڊا ڪهڙي ايجنڊا تي آهي؟ هن جواب ڏنو ته اهو سوال فيصل واوڊا کان پڇڻ گهرجي.










