لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي جناح اسپتال کان ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويو. نواز شريف کي طبعيت ۾ خرابي سبب 15 فيبروري تي ڪوٽ لکپت جيل کان جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي هو 9 ڏينهن علاج هيٺ رهڻ کانپوءِ واپس جيل پهچي ويو آهي. نواز شريف ضمانت نه ٿيڻ تي واپس جيل وڃڻ جو فيصلو ڪيو. جناح اسپتال کان سندس جيل منتقلي وقت ن ليگ ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو. ان کان اڳ نواز شريف سان شهباز شريف ۽ مريم نواز ملاقات پڻ ڪئي، جيڪا ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهي.
مشهور خبرون










