اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي نااهلي لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي.درخواست جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي.درخواستگذار ظهور مهدي چيو ته مان صدارتي اميدوار هو، عارف علوي جي ڪاغذن تي مون کي 6 اعتراض هئا، عارف علوي صدارتي چونڊن وقت انڊر ٽرائل ملزم هو،درخواستگذار چيو ته منهنجا ڪاغذ حمايت ۽ تجويز نه ڏيڻ تي رد ڪيا ويا، نااهل شخص کي صدر مقرر ڪرڻ سبب ملڪ هن وقت بحران ۾ آهي، سياسي پارٽيون هڪ ٻئي سان ٽڪراءَ ۾ آهن،جسٽس اعجاز الحسن چيو ته اهو توهان جو معاملو ناهي ته سياسي پارٽيون هڪ ٻئي سان وڙهي رهيون آهن، سياسي پارٽيون ڇا ڪري رهيون آهن اهو سياسي طريقو آهي.










