اسلام آباد)بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري آئين جي آرٽيڪل 54-1 جي تحت اڱاري 15 اپريل تي سينيٽ جو اجلاس طلب ڪيو آهي.سينيٽ جو اجلاس شام 4 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو.ٻئي طرف قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻن ڏينهن جي وقفي کان پوءِ اڄ شام 4 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو.قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ اجلاس لاءِ ويهه نقاطي ايجنڊا جاري ڪيو آهي. سوالن جي وقت کان پوءِ، ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽي جون رپورٽون ۽ بل پيش ڪيا ويندا. پارليامينٽ جي اجلاس ۾ صدر جي خطاب تي پڻ بحث ٿيندو.










